سکر نيشنل پريس ڪلب جي مرڪزي هال ۾ شهر جي معززين، واپاري اڳواڻن ۽ شهري تنظيمن جي گڏيل پريس ڪانفرنس ٿي گذري. پريس ڪانفرنس ۾ ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته سکر سنڌ جو ٽيون وڏو شهر آهي پر شهرين کي صاف پيئڻ جو پاڻي، بهتر ڊرينيج ۽ رستن جي سهولت نه هجڻ برابر آهي. هنن وڏي وزير سنڌ ۽ ميئر سکر کان مطالبو ڪيو ته ترقياتي اسڪيمن کي شفاف طريقي سان مڪمل ڪيو وڃي. پريس ڪلب جي صدر نزاڪت علي جتوئي شهرين کي خاطري ڪرائي ته پريس ڪلب مظلومن ۽ عام ماڻهن جو آواز ايوانن تائين پهچائيندو رهندو.
